هارڊ ويئر ڪلاس ٻيون

دوستو اسان هارڊ ويئر جي پهرين ڪلاس ۾ اسان هارڊ ويئر بابت اهو سکيا هئاسين ته هارڊ ويئر ۽ سافٽ ويئر ڇا آهي ۽ عام استعمال ۾ ايندڙ هارڊ ويئر جي باري ۾ سکيا هئاسين .
هاڻي اسان هارڊ ويئر جي ٻئي سبق ۾ اسان پنهنجي ڪمپيوٽر ۾ لڳل تمام ٻاهريان هارڊ ويئر ريموو ڪري وري ٻيهر لڳائڻ سکنداسين .

سڀ کان پهريائين ته توهان ڪمپيوٽر کي شٽ ڊائون ڪريو پو۽ سڀ کان پهريائين بجلي جي بورڊ مان پاور سپلائي جون تارون ڪڍي ڪري الڳ ڪريو پو۽ ڪمپيوٽر مان مائوس ، ڪي بورڊ ، مانيٽر ، پرنٽر وغيره وغيره سڀ هارڊ ويئر ريموو ڪريو
مائوس کي ريموو ڪرڻ وقت صرف توهان کي اهو خيال رکڻو آهي ته توهان جو مائوس يا ڪي بورڊ ps/2 آهي يا وري يو ايس بي پورٽ اسٽائيل ۾ آهي

اچو ته ڏسو ڪهڙا پورٽس يو ايس بي پورٽس آهن ۽ ڪهڙا پورٽس پي ايس ٽو آهن .

هي پي ايس ٽو مائوس ، ڪي بورڊ پورٽس آهن
هتي مان اوهان کي اها معلومات پڻ ڏيندو هلان ته ڪنيڪٽر پڻ ٻن قسمن جا هوندا آهن
نمبر هڪ في ميل ڪنيڪٽر
هي پي ايس ٽو هي تصوير في ميل ڪنيڪٽرس جي آهي
Click here to enlarge
نمبر ٻه ميل ڪنيڪٽرس هي هيٺين تصوير ميل ڪنيڪٽرس جي آهي
Click here to enlarge
هن هيٺين تصوير ۾ ميل ، في ميل ڪنيڪٽر گڏ آهن سوراخن وارو ڪنيڪٽر في ميل آهي ۽ پنن وارو ميل ڪنيڪٽر آهي
Click here to enlarge

هي هيٺيون يو ايس بي اسٽائيل ۾ مائوس آهي
Click here to enlarge

يو ايس بي اسٽائيل ۾ ڪي بورڊ هن طريقي جو هوندو آهي
Click here to enlarge

هاڻي صرف مائوس يا ڪي بورڊ پي ايس ٽو اسٽائيل ۾ آهي ته انهي کي لڳائڻ وقت صرف اهو خيال رکڻو آهي ته جيئن پنا آهن مائوس جو اهي سهي نموني سان لڳائڻيون آهن جيڪڏهن سهي نموني سان نه لڳيون ته ٻيو ڪو خاص نقصان نه ٿيندو پر صرف مائوس يا پورٽ خراب ٿئي سگهي ٿو سو ان ڪري مائوس يا ڪي بورڊ کي احتياط سان ريموو ڪري وري لڳائي ڪري اهڙيون ڪوششون ٻه ٽئي دفعا ڪريو ته جيئن توهان کي ان تي مهارت حاصل ٿئي وڃي .
هاڻي سڀ جا سڀ ٻاهريان هارڊ ويئر ڪمپيوٽر مان الڳ ٿئي چڪا آهن سو هاڻي انهن کي صاف ڪري وري ٻيهر
لڳايو
پي ايس ٽو مائوس يا ڪي بورڊ لڳائڻ وقت صرف اهو خيال ڪرڻو آهي ته ائين نه ٿئي جو اسان مائوس جي جڳهه تي ڪي بورڊ لڳائي ڇڏيون ۽ ڪي بورڊ جي پورٽ ۾ مائوس \:D/\:D/\:D/\:D/ جيڪڏهن ائين ٿئي ٿو وڃي ته پرواه نه ڪريو ان عمل سان ڪو نقصان نه ٿيندو آهي صرف سسٽم اسٽارٽ ٿيڻ وقت ايرر ايندو ۽ سسٽم مائوس يا ڪي بورڊ ڊٽيڪٽ نه ڪندو .
مائوس ، ڪي بورڊ ، مانيٽر واري تار ، جيڪي توهان جا ٻيا هارڊ ويئر ڪمپيوٽر سان اٽيچ هئا اهي سڀ ڪنيڪٽ ڪري آخر ۾ پاور سپلائي ڪنيڪٽ ڪري بسم الله پڙهي ڪري ڪمپيوٽر کي اسٽارٽ ڪريو .

هن سبق ۾ اسان ٻاهريان هارڊ ويئر ريموو ڪري وري لڳائڻ سکياسين .

اميد آهي ته توهان دوستن کي هي ننڍڙي ڪوشش پسند آئي هوندي