هارڊ ويئر ڪلاس ٽيون

دوستو گذريل سبق ۾ اسان ڪمپيوٽر جا ٻاهريان پارٽس جيئن مائوس ، ڪي بورڊ وغيره وغيره ريموو ڪري لڳائڻ سکيا هئاسين اڄ اسان ڪمپيوٽر جي اندرين پارٽس جي باري ۾ سکنداسين ته ڪمپيوٽر ۾ انٽرنل ڪهڙا پارٽس استعمال ٿيندا آهن
ڪمپيوٽر ۾ انٽرنل پارٽس ڪافي حساس هوندا آهن ان ڪري احتياط جي ضرورت پوندي آهي
هيٺين تصوير ۾ انٽرنل پارٽس ظاهر ڪيا ويا آهن .

Click here to enlarge

هتي انهن پارٽس جي باري ۾ وضاحت ڪندو هلندس ته اهي ڪهڙي ڪم لا۽ استعمال ٿيندا آهن

هارڊ ڊرائيو: هارڊ ڊرائيو ۾ اسان پنهنجي ڊيٽا کي محفوظ رکندا آهيون هي ڊرائيو اسان جي پرائمري اسٽوريج ايريا هوندي آهي اسان جي ونڊوز ، تصويرون ، سافٽ ويئرس سڀ ڪجهه هارڊ ڊرائيو ۾ محفوظ هوندو آهي .

ايڪسپينشن سلاٽ : ايڪسپينشن سلاٽ اسان کي وڌيڪ ڊيوائس لڳائڻ جي سهولت مهيا ڪري ڏيندو آهي جيئن لين ڪارڊ، سائونڊ ڪارڊ ، ٽي وي ٽي وي ٽيونر ڪارڊ وغيره وغيره اهي سڀ ايڪسپينشن سلاٽ ۾ لڳندا آهن

مدر بورڊ : مدر بورڊ هڪ سرڪٽ هوندو آهي هن جوڪم اهو آهي ته هي هارڊ ڊرائيو ، ريم ، سي . پي . يو کي ڪنيڪٽ ڪندو آهي .

ڊي وي ڊي روم : اسان ڊي وي ڊي روم جي ذريعي سي ڊي ، ڊي وي ڊي ٻنهي کي هلائي سگهو ٿا
سي ڊي روم : اسان سي ڊي روم جي ذريعي صرف سي ڊي کي هلائي سگهو ٿا
ڊي وي ڊي رائيٽر : اسان ڊي وي ڊي رائيٽر جي ذريعي سي ڊي ، ڊي وي ڊي هلائي ۽ سي ڊي ۽ ڊي وي ڊي رائيٽ به ڪري سگهو ٿا
ڪومبو ڊرائيو : اسان ڪومبو ڊرائيو جي ذريعي سي ڊي ۽ ڊي وي ڊي هلائي سگهو ٿا پر رائيٽ صرف سي ڊي ڪري سگهو ٿا

فلاپي ڊرائيو : فلاپي ڊرائيو ۾ صرف پڙهن جي صلاحيت رکي ٿئي هي پهرين قسم جي اسٽوريج جو قسم هئي هاڻي ته اها مارڪيٽ ۾ ملي ئي نه پئي هاڻي ان جي جڳهه تي يو ايس بي اچي وئي آهي فلاپي ڊرائيو ۾ ايم بي سائيز کي رکڻ جي صلاحيت هوندي هئي پر يو ايس بي ۾ جي بي يعنى گيگا بائيٽ جي ڊيٽا رکي سگهو پيا .

ويڊيو ڪارڊ : ويڊيو ڪارڊ کي مون جهڙا فقير ماڻهو گرافڪس ڪارڊ به چوندا آهن هن ڪارڊ جو ڪم مانيٽر کان سسٽم کي ڪنيڪٽ ڪندو آهي Visul Display ڪلرس جو سڄو ڪم هن جي ذمي هوندو آهي .

پاور سپلائي : پاور سپلائي جو ڪم ڪمپيوٽر کي پارو سپلائي ڪرڻ آهي

سائونڊ ڪارڊ : سائونڊ ڪارڊ جو ڪم آواز کي ان پٽ ۽ آئوٽ پٽ مهيا ڪندو آهي سائونڊ ڪارڊ الڳ به ملندو آهي ۽ ڪنهن ڪنهن سسٽم ۾ سائونڊ ڪارڊ بلٽ ان هوندو آهي .
لين ڪارڊ : لين ڪارڊ يا وري اين ،آ۽ ، سي : Net work Interface Card
جتي ٻه يا ٻن کان وڌيڪ ڪمپيوٽر هجن ته اتي اسان لين ڪارڊ جي ذريعي انهن کي پاڻ ۾ ڪنيڪٽ ڪندا آهيون . لين ڪارڊ ڪمپيوٽرن کي پاڻ ۾ ڪنيڪٽ ڪندو آهي .

پراسيسر : پراسيسر جو ڪم ڪمپيوٽر کي هلائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو آهي اهي ڪمپيوٽر کي هلائڻ ۾ اسپيڊ مهيا ڪندو آهي

فين : فين جو مطلب ته نالي مان ئي ظاهر آهي ته پکو اهو پراسيسر جي مٿان لڳل هوندو آهي ته جيئن ان کي هوا ڏئي سگهي

ريم : ريم جو ڪردار پڻ هڪ اهم ڪردار آهي ريم پڻ ڪمپويٽر کي هلائڻ دوران اسپيڊ ۽ سپورٽ ڪندي آهي جيڪڏهن ريم نه هوندي ته ڪمپيوٽر اسٽارٽ ئي نه ٿيندو مختلف قسمن جا ايرر ظاهر ڪري بيهي رهندو .

دوستو اڄوڪي سبق لا۽ ايترو ڪافي آهي اڄ اسان ڪمپيوٽر ۾ استعمال ٿيندڙ پارٽس بابت معلومات حاصل ڪئي سين ايندڙ سبق ۾ انهن کي کولي ڪري لڳائڻ بابت سکنداسين .