هارڊ ويئر ڪلاس چوٿون

دوستو اڄ اسان هارڊ ويئر جي سبق کي اڳتي وڌائينداسين جيئن ته گذريل سبق ۾ اسان سسٽم جي انٽرنل پارٽس جي باري ۾ سکيا هئاسين
اڄ سبق نمبر چوٿين ۾ اسان ڪمپيوٽر کي کولڻ ۽ انٽرنل پارٽس کي کولي ڪري وري لڳائڻ سکنداسين

اچو ته بسم الله ڪري ڪم جو آغاز ڪريون
دوستو ڪمپيوٽر کولڻ لا۽ اسان وٽ هڪ عدد اسڪرو ڊرائيور هئڻ ضروري آهي
هاڻي اوهان ڪمپيوٽر جي ڪيسنگ کي ٻاهرين طرف کان غور سان ڏسو ته ڪيسنگ
ريموابل پينل آهي يا وري ان کي پاسن کان اسڪرو لڳل آهن
جيڪڏهن ريموابل پينل ڪينسگ آهي ته صرف ٿورو پريس ڪرڻ سان ئي ڪينسگ
لهي ويندي آهي
Click here to enlarge

جيڪڏهن اسڪرو لڳل آهن ته اسڪرو کولي ڪري ڪيسنگ کي الڳ ڪري سگهو ٿا
Click here to enlarge
اڄ ڪلهه جي ليٽيسٽ ڪمپيوٽرس ۾ وري ليور به لڳل اچن ٿا جيڪي صرف ٿورو ڇڪڻو پوندو آهي
مٿي ڄاڻايل طريقي سان توهان ڪمپيوٽر کي کولي سگهو ٿا
دوستو هاڻي اسان ڪمپيوٽر ته کولي ڇڏيو آهي سو هاڻي وري مرحلو آهي انٽرنل پارٽس کي کولي ڪري وري لڳائڻ جو
اڄوڪي سبق ۾ اسان سڀ کان پهريائين ويڊيو ڪارڊ کي ريمو ڪري وري لڳائڻ سکنداسين
ويڊيو ڪارڊ ايڪسپينشن سلاٽ ۾ لڳل هوندو آهي
ويڊيو ڪارڊ ريمو ڪرڻ کان پهريائين ته توهان ڪمپيوٽر کي شٽ ڊائون ڪريو ڪمپيوٽر جون سڀ ڪيبلز بشمول ويڊيو ڪارڊ واري پلڪ به الڳ ڪريو
ويڊيو ڪارڊ کي مٿئي پاسي کان احتياط سان پڪڙي ڪري ويڊيو ڪارڊ کي سلاٽ مان ڪڍي وٺو .
(نوٽ ) ڪي ڪارڊ بلٽ ان به ٿيندا آهن جيڪي سڙي وڃن ته وري نئون ڪارڊ لڳائڻو پوندو آهي
اهي ڪارڊ ايڪسپينشن سلاٽس ۾ ويهندا آهن
Click here to enlarge
ويڊيو ڪارڊ کي سلاٽ مان ڪڍڻ کان پو۽ توهان اتي سلاٽ کي ۽ ڪارڊ کي غور سان ڏسو ته ڪهڙي نموني سان
ڪارڊ سلاٽ ۾ ويٺل آهي هاڻي وري ويڊيو ڪارڊ کي احتياط سان وري واپس سلاٽ ۾ لڳايو ويڊيو ڪارڊ کي درست نموني سان سلاٽ ۾ رکي ڪري ويڊيو ڪارڊ کي مٿئي پاسي کان احتياط سان ٿورو زور ڏيو جيئن ويڊيو ڪارڊ درست نموني سان سلاٽ ۾ ويهي رهي .
Click here to enlarge
هاڻي جڏهن ويڊيو ڪارڊ درست نموني سان لڳي چڪو آهي ته توهان ويڊيو ڪارڊ واري پورٽ ۾ پلڪ لڳايو ۽ سڀ جا سڀ ڪيبلز سسٽم ۾ لڳائي ڪري ڪمپيوٽر کي اسٽارٽ ڪريو
جيڪڏهن ويڊيو ڪارڊ درست نموني سان نه لڳل هوندو ته ڪمپيوٽر اسٽارٽ ٿيڻ مهل آواز ڪندو آهي جيڪڏهن ائين ٿئي ته توهان وري ڪمپيوٽر مان سڀ ڪيبلز هڻائي ڪري ڪمپيوٽر کي کولي ڪارڊ کي چيڪ ڪري ته ڪارڊ سهي ويٺل آهي يا نه ؟ ان سان گڏ سائونڊ ڪارڊ واري پلڪ کي پڻ چيڪ ڪريو .
وري ٻيهر سسٽم کي ري اسٽارٽ ڪريو توهان جو ڪمپيوٽر اسٽارٽ ٿئي ويندو .
ان نموني سان توهان ويڊيو ڪارڊ کي ريموو ڪري وري لڳائي سگهو ٿا