هارڊ ويئر سبق پنجون

اڄ اسان هارڊ ويئر جي سبق کي اڳتي وڌائينداسين سنڌ سلامت فورم جا معزز دوستو جيئن ته اسان گذريل
سبق ۾ VGA ڪارڊ لڳائڻ سکيا هئاسين اڄ مان اوهان کي پراسيسر کي مدر بورڊ مان ڪڍڻ وري واپس ان کي لڳائڻ بابت ڄاڻ ڏيندس

سڀ کان پهريائين ته توهان پنهنجي ڪمپيوٽر جي ڪيسنگ کولي ڪري الڳ ڪريو ڪور لاهڻ کان
پو۽ توهان مدر بورڊ تي سڀ کان وڏي چپ جيڪا پراسيسر هوندي آهي ان کي ڳولهڻ شروع ڪريو
دوستو هڪ ڳالهه مان اوهانکي ٻڌائيندو هلان ته پراڻن ڪمپيوٽرن ۾ پراسيسر هڪ ZIP پلاسٽڪ ساڪيٽ نموني هولڊر ۾ هوندي آهي اڪثر ڪمپيوٽرن ۾ اها ڊسڪ ڊرائيو جي هيٺيان لڪيل هوندي آهي سو پريشان ٿيڻ جي ضرورت بلڪل نه آهي توهان کي ڊسڪ ڊرائيو ريموو ڪري انکي ڪڍڻو پوندو هڪ ڳالهه جو خاص خيال ڪندا ته ڪا به تار يا ڪو پرزو ريموو ڪرڻ وقت ان ڳالهه کي ياد ڪندا ڪريو ته جيڪا تار توهان لاٿي آهي اها وري اتي ئي لڳائڻي به آهي

هاڻي توهان ڏسو ته توهان وٽ ڪهڙو پراسيسر لڳل آهي pv ,piii ۽ ان جي اسپيڊ ڪيتري آهي اهو سڀ ڪجهه پراسيسر جي مٿان لکيل هوندو آهي ڪافي پراسيسرس جي مٿان وري فين لڳل هوندو آهي يا وري هيٽ سنڪ لڳل هوندي آهي ان جو ڪم صرف پراسيسر جي گرمائش کي جذب ڪرڻ هوندو آهي بهتر قسم جو ڪمپيوٽر خريد ڪرڻ وقت ان جي پراسيسر جي باري ۾معلومات حاصل ڪرڻ ضروري هوندي آهي (ائين سليمان وساڻ وانگر نه ٿئي جو ڪمپيوٽر گهر کڻي اچي وتو دوستن کان پڇائون ڪرائيندا ته ادا هن ۾ ڪهڙو پراسيسر لڳل آهي Click here to enlargeClick here to enlarge)

پراسيسر کي مدر بورڊ مان ڪڍڻ ۽ وري واپس لڳائڻ جو طريقو

جيڪڏهن توهان جو مدر بورڊ زپ ساڪيٽ جو آهي ته ان جي پراسيسر کي ڪڍڻ سيڪنڊن جو ڪم آهي زپ پراسيسر کي مدر بورڊ مان ڪڍڻ لا۽ ان جي ليور کي پڪڙي ڪري ٿورو ٻاهر طرف ڪريو ته اهو ان لاڪ ٿئي ويندو ان جون پنيون ڍليون ٿئي وينديون پو۽ پراسيسر کي پڪڙي ڪري آهستگي سان مٿي ڪري ڪڍي وٺو ۔

جيڪڏهن توهان جو پراسيسر زپ ساڪيٽ جو نه آهي يا وري ان جي مٿان فين لڳل آهي ته ان جي فين کي پڻ هڪ ليور هوندو آهي ان کي ٿورو ٻاهر طرف ڇڪي ڪري فين لاهي وڏي آساني سان پراسيسر کي ٻاهر ڪڍي سگهو ٿا هاڻي پراسيسر کي ڪڍي ڪري ان جي طرف غور سان ڏسندو ته ان جي چئني ڪنڊن کان هڪ ڪنڊ مختلف هوندي اهڙي ئي نموني سان ساڪيٽ جي ڪنڊ پڻ اهڙي ئي نموني جي هوندي آهي هاڻي توهان ڪاميابي سان پراسيسر ڪڍي ورتو آهي سو انکي هوا وغيره هڻي ڪري انکي واپس پنهنجي ساڪيٽ ۾ لڳايو صرف اهو خيال رکڻو آهي ته صرف ڪنڊان سيٽنگ سان رکڻيون آهن جيڪڏهن توهان ڪنڊان درست طريقي سان نه ويهاريندو ته توهان جي مدر بورڊ کي نقصان پهچي سگهي ٿو

Click here to enlarge

دوستو توهان کي هي ڪلاس ڪيئن لڳو توهان جي راين جو شدت سان انتظار رهندو