فليش آسان سنڌيءَ ۾ پارٽ 01 (اينيميشن)

پياري سنڌي ماروئڙن کي منهنجي طرف کان السلام عليڪم....!!

مان توهان جوڀاءَ غلام حيدر ڄاموٽ هڪ ڀيرو وري ڪمپوٽر جو ڪورس آسان سنڌي ٻوليءَ ۾ سيکارڻ لاءِ حاضر ٿيو آهيان. توهان لاءِ ”فليش پارٽ 01 “ پيش ڪري رهيو آهيان. هن پارٽ ۾ توهان فليش کي آسانيءَ سان سمجھي استعمال ڪري سگهندا. فليش کي مان ٽن (3)پارٽن ۾ پيش ڪندس ، جيڪي هن طرح آهن.

01. فليش پارٽ 01 انيميشن
02. فليش پارٽ 02 ايڪشن اسڪرپٽنگ
03. فليش پارٽ 03 ويب ڊزائننگ

تنهن ڪري مان توهان لاءِ وقتاً فوقتاً پارٽ وائز ڪتاب پيش ڪري رهيو آهيان. اُميد آهي ته ٻين قومن وانگر اسان جا سنڌي ماروئڙا به سنڌي ڪمپيوٽرائز اِي بُڪن مان فائدو وٺندا ، ۽ ٻين سنڌي ڀائرن کي سيکارڻ ۾ مدد ڪندا.


فليش جو مختصر تعارف

فليش هڪ اينيميشن سوفٽ ويئر آهي، جنهن جي ذريعي توهان ”ڪارٽون ، اينيميٽ پريزينٽيشن ، ويب ڊزائننگ بنائي سگهو ٿا. توهان هن ڪتاب جي ذريعي اينيميشن بنائڻ آسانيءَ سان سکي ويندا.
فليش جي اينيميشن جا ٻه قسم آهن.
1. Frame by Frame Animation
2. Tween Animation

فليش کي اوپن ڪريو.

هر ڊاڪومينٽ ۾ ٽي بنيادي چيزون هونديون آهن.

 ٽائم لائن Time Line
 فريم Frame
 اسٽيج Stage
 ورڪ ايريا Work Area


 :Time Line
ٽائيم لائن ۾ موويءَ جا فريمز ، ليئرز ۽ سِينز موجود هوندا آهن.

 Frame :
ٽائيم لائن ۾ موجود فريمز ڪنهن به اوبجيڪٽ کي بنائڻ ۽ ان جي اسپيڊ کي ڪنٽرول ڪرڻ جي ڪم ايندا آهن، يعني هڪ فريم جي اسپيڊ هڪ سيڪنڊ آهي.

 Stage:
اٽيج اهو حصو آهي، جتي موويءَ کي ڊسپلي ڪيو ويندو آهي.

 Work Area:
ورڪ ايريا اهو حصو آهي، جيڪو اسٽيج جي پويان آهي.
Click here to enlarge