هارڊ ويئر ڪلاس پهريون

اڄ مان هارڊ ويئر بابت هڪ ڪورس شروع ڪري رهيو آهيان هن ڪورس ۾ مان اوهان کي ڪمپيوٽر هارڊ ويئر بابت ڄاڻ ڏيڻ جي ڪوشش ڪندس هن ڪورس ۾ توهان ان پٽ آئوٽ پٽ ڊيوائسز جي باري ۾ ڄاڻ حاصل ڪري سگهو ٿا جيئن ته هي ڪورس هارڊ ويئر بابت آهي پر هارڊ ويئر ۽ سافٽ ويئر ٻئي اهم آهن سو مان اوهان کي سافٽ ويئر بابت به معلومات ڏيندس .
هارڊ ويئر ڇا کي چئبو آهي ؟

دوستو ڪمپيوٽر ۾ موجود هر اها شي جنهن کي توهان ٽَچ يا ڇُهي سگهو ان کي هارڊ ويئر چئبو آهي
هارڊ ويئر ۾ هيٺيان پارٽس اچي وڃن ٿا
 
1. هارڊ ڊسڪ
Click here to enlarge
2.رئم
Click here to enlarge
3. ايڪسٽينشن بس
Click here to enlarge
4. سي پي يو

سي پي يو جي تصوير مٿي ڏنل آهي
5. سي ڊي روم ڊرائيو
Click here to enlarge
6. پاور سپلائي
Click here to enlarge
7. مدر بورڊ
Click here to enlarge
8.پرنٽر
Click here to enlarge
9۔ اسڪينر
Click here to enlarge
10۔ مائوس
Click here to enlarge
11۔ ڪي بورڊ

12۔ مائڪرو فون

13۔ جواء اسٽڪ
Click here to enlarge
14۔ ايل سي ڊي مانيٽر

15. يو ايس بي اسٽڪ

16. هيڊ فون
اهي سڀ پارٽس هارڊ ويئر ۾ شمار ٿين ٿا ان سان گڏوگڏ سافٽ ويئر جي به پنهنجي اهميت آهي هارڊ ويئر ۽ سافٽ ويئر ٻئي هڪ ٻئي لا۽ ضروري آهن سافٽ ويئر کان سواء هارڊ ويئر ڪنهن ڪم جو نه آهي هارڊ ويئر کان سواء سافٽ ويئر ڪنهن ڪم جو نه اهي

سافٽ ويئر ڇا کي چئبو آهي ؟

اها اپليڪيشن جيڪا انسٽال ٿئي ۽ اسان ان کي اسعتمال ڪري سگهون پر ان کي ڇُهي نه سگهو ان کي سافٽ ويئر چئبو آهي سافٽ ويئر جا ڪافي قسم آهن هر پروگرام لا۽ هڪ الڳ سافٽ ويئر هوندو آهي .

هن پهرين ڪلاس ۾ مان اها ڪوشش ڪئي آهي ته جيئن مان اوهان دوستن کي تمام سولي نموني سان هارڊ ويئر ۽ سافٽ ويئر بابت ٻڌائي سگهان پر جيڪڏهن اڃان به ڪا غلطي ٿي وئي هجي يا توهان کي ڪا ڳالهه سمجهه ۾ نه اچي ته توهان هن ٿريڊ اندر ان جي باري ۾ پڇي سگهو ٿا .