ڪنيڪٽر ڪيئن ٺاهبو آهي.

اسلام عليڪم سنڌي ڀائرو،
اڃ کان مون به همت ڪئي آهي ته الله تعالى جي ڏنل علم مان توهان سنڌسلامت جي ڀائرن کي به ڪجھ ونڊ ڪرايان. اميد ٿو ڪريان ته توهان کي منهنجي هي ننڌي ڪوشش پسند ايندي.
اڃ پاڻ سکنداسين ته نيٽورڪ ڪنيڪٽر ڪيئن ٺاهبو آهي.
Click here to enlarge
هن ڪنيڪٽر کي rj-45 ڪنيڪٽر به چئبو آهي.
1. سڀ کان پهرين تار کي چلي ان جون تارون ٻاهر ڪڊو جيئن هيٺ ڏيکاريل آهي.
Click here to enlarge
2. هاڻ انهن تارن کي رنگن جي ترتيب ۾ آڻيو. جيئن هيٺين تصورير ۾ ڏنل آهي.
Click here to enlarge
پهرين ناسي، اڇي ناسي، سائي، اڇي نيري، نيري، اڇي سائي، نارنگي ۽ اڇي نارنگي. پو۽ ان کي ڪنيڪٽر ۾ لڳايو. جهڙي ريت هي ڏيکاريو ويو آهي.
Click here to enlarge
3. هاڻ ڪرمپنگ ٽول سان ان کي ٽائٽ ڪريو. ڪرمپنگ ٽول هڪ پلاس جهڙو ٽول هوندو آهي.
Click here to enlarge
4. اهڙي ساڳي طرح تار جي ٻي پاسي به ڪنيڪٽر لڳايو،.
5. آخر ۾ ٽيسٽر سان ٻئي ڪنيڪٽر ٽيسٽ ڪري ڏسو ته صحيح لڳا آهن يا نه.
Click here to enlarge
جيڪڏهن ٽيسٽر توهان کي صحيح نتيجو ٻڌائي ته واه واه نه ته دوبارا ڪوشش ڪريو.
اڃا وڌيڪ سمجهڻ لاءِ هي ويڊيو به ڏسو.
منهنجي هي مضمون پڙهڻ جي لاءِ توهان ڀائرن جون مهربانيون