هڪ نئون اينٽي وائرس جنهن سان سسٽم فائل کي نارمل فائل جي صورت ۾ آڻيو


اسلام عليڪم سنڌي ڀائرو،
گهڻي وقت کان پوءِ آئون توهان لائي هڪ نئون سافٽويئر کڻي آيو آهيان.
ڪل هڪ دوست جي يو ايس بي ۾ ڪو اهڙو وائرس اچي ويو هيو جو هن جي يو ايس بي مان سڀ فائلون ۽ فولڊر ڊليٽ ٿي ويا هيا. هو مون وٽ يو ايس بي کڻي آيو ۽ پنهنجو مسعلي جي حل لائي چيائين. سڀ کان پهرين مون هن جي يو ايس بي کي ايواسٽ اينٽي وائرس سان اسڪين ڪيو ۽ پوئي ان جي ميموري چيڪ ڪيو ته برابر ان ۾ مواد پيل هو ڊليٽ نه ٿيو هيو بس نظر نه اچي رهيو هيو. پوءِ مون هيڊن فائلس کي شو ڪيو فولڊر آفشن منجهان پر پوئي به ڪا فائل نظر نه آئي. وري ۾ فولڊر آفشن مان سسٽم فائل کي به شو ڪرايو ته دوست جون سڀ فائلون نظر اچي ويون. مسعلو ته حل ٿيو پر مون سوچيو ته انهن فائل کي پنهنجي اصلي حالت ۾ آڻڻ کپي، بار بار سسٽم فائلس شو ڪرڻ ڏکيو ٿي پوندو. پوءِ مون گوگل جي ويب سائيٽ کولي ۽ سسٽم فائلس کي نارمل فائلس ۾ ڪنورٽ ڪرڻ جو طريقو سرچ ڪرڻ لڳس ڪافي طريقي مليا جيڪي ڊاس ۾ هلندا هئا، اها سڀ طريقا آزمايم پر حل نه نڪتو. آخر ۾ هڪ ويب سائيٽ جي لنڪ ملي جنهن ۾ هڪ اينٽي وائرس جو ذڪر هو. ان لنڪ کي کوليم ته ان ۾ انهي مسعلي جو حل هو جنهن جي مون ڳولا پي ڪئي. ان لنڪ مان هڪ انٽي وائرس مليو جنهن جو نالو آهي سماڊيو.
[IMG]
اهو هڪ فري اينٽي وائرس آهي ۽ ان جو ڪم اهو آهي ته جيڪي فائلس ڪنهن وائرس جي ڪري هيڊن ٿي ويون آهن يا سسٽم فائل ٿي ويون آهن انهن کي هي اينٽي وائرس درست ڪندو آهي.
پوءِ مون ان اينٽي وائرس کي هن لنڪ تان ڊائونلوڊ ڪيو


۽ پوءِ انسٽال ڪري پنهنجي دوست جي يو ايس بي کي اسڪين ڪيو ۽ پوءِ ان جا ايرر فڪس ڪيا.
ان کان پوءِ مون سسٽم فائلس هيڊن ڪري وري يو ايس بي کي کولي ڏٺو ته سڀ فائل ۽ فولڊر نظر اچي رهيا هئا.
جڏهن منهنجو اهو مسعلو حل ٿي ويو ته سوچيم ته هاڻ سنڌي ڀائرن کي به اهر تجربو ونڊ ٿو ڪريان.
سنڌ سلامت ساٿ سلامت